سرمست 30

سرمست 30

سرمست 30

سرمست- 30: ’سرمست‘ جي ٽيهين (30) ڪڙيءَ جو سهيڙيندڙ مولابخش لاڙڪ ۽ ٻانهن ٻيلي قربان منگي ۽ امر اقبال آهن. محمد عباس بلوچ D.C.O جي تصوير سان گڏ گذريل ادبي ڪانفرنس جي تصويري جهلڪي کانپوءِ مضمون ۽ مقالا هيٺينءَ ترتيب سان شايع ڪيا ويا آهن. (1) سچل سرمست ۽ موسيقي (ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو)،
(2) سرمست جي ڪلام جون خـاص خـوبيون (ڊاڪٽـر نـواز عـلي شـوق)،
(3) سچل سائينءَ جو فڪر ۽ علمي ڀائيچارو (ڊاڪٽر ادل سومرو)، (4) سچل سرمست جي اڄوڪي دور ۾ اهميت (تاج جويو)، (5) مرزا علي قلي بيگ جي ترتيب ڏنل رسالي ’رسالو ميان سچل فقير جو‘ سرسري جائزو (ڊاڪٽر بشير احمد شاد)، (6) سچل سائينءَ جو نحوي وحدت الوجود (برڪت بلوچ)، (7) سچل سائينءَ جون ڪافيون (سرمد چانڊيو)،
(8) سچل ۽ عالمگيريت (موهن لعل پريمي)، (9) سچل جي صحن ۾ (الطاف اثيم)، (10) سچل سائينءَ جو هادي الحق (مهر خادم)،
(11) ديوان آشڪار جي بيتن جو سلسليوار سنڌي ترجمو (مولانا عبداللطيف سڪندري)، (12) سچل سرمست جي فڪر جي حوالي کان تصوف جي دنيا کي ضرورت (حزب الله آءِ. سومرو)، (13) حضرت سچل سرمست متعلق غلط روايتون (غوث بخش عباسي)، (14) سچل جي شاعريءَ ۾ عشق ۽ بيخوديءَ جي ڪيفيت (احسان دانش)، (15) سچل سرمست جي شاعريءَ ۾ انگن جو استعمال (مجاهد حسين سولنگي
(16) حضرت سچل سرمست جي عرس مبارڪ جون چند قديمي ريتون رسمون ۽ يادون (فقير حاجي عبدالحميد سومرو درازي)، (17) سچل منصور ثاني (رئوف عباسي)، (18) سچل سرمست انسانيت ۽ آزاديءَ جو شاعر (خواجه ذوالفقار)، (19) سچل سارو سچ (ذاڪر حسين کٽي)،
(20) سچل ’سچو‘ سچ تي رهندو علي حسن سرڪي.
اردو ۽ سرائيڪي ڀاڱو: (1) فڪر و فقر حضرت سچل سرمست- ديوان آشڪار ڪي آئيني ۾: ڊاڪٽر خضر نوشاهي، (2) سچل سرمست محبتون ڪا پيغامبر: ڊاڪٽر طاهر تونسوي، (3) سچل سرمست ڪي فڪري وراثت: ڊاڪٽر راشد مئين، (4) سچل سائين ڪا جنوبي ايشيائي پسمنظر: قاضي جاويد، (5) سنڌ وادي دا عطار تي منصور: ڊاڪٽر نبيله عمر.
ڊيمي سائيز جي 160 صفحن تي مشتمل هي شمارو 2009ع ۾ شايع ٿيو ۽ ان جي قيمت 100 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو